اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حمزه خان آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان جي باصلاحيت نوجوان حمزه خان سان ملاقات ٿي جنهن تازو ئي آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، پاڪستان ۾ راندين جي ناڪافي سهولتن جي باوجود نوجوان رانديگرن جي اهڙي بهترين ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. مون پاڪستان حڪومت پاران حمز?? کي هڪ ڪروڙ رپين جي ننڍڙي رقم انعام طور ڏني آهي ۽ ان کان واعدو ورتو آهي ته هو تمام جلد پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اهڙي طرح سينيئر عالمي چيمپيئن شپ کٽي پاڪستان جو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر روشن ڪندو. مون تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن، مون کي پوري اميد آهي ته انهن قدمن کانپوءِ حمزه خان وانگر هزارين نوجوان عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندا.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan launches $3.5 billion fan replacement programme
-
COAS Bajwa appeals to US for immediate release of $1.2 loan trance
-
Levies man martyred, 2 others injured in Kalat checkpost attack
-
Court upholds arrest warrants for KP CM in audio leak case
-
Gas supply disrupted in Karachi due to fire, restoration expected by 4 PM
-
Pakistan likes Chinas policy of ethnic equality, religious freedom
-
CJP takes suo motu notice against ECP recruitment
-
Government announces Eidul Azha holidays
-
Parliamentarians push for greater perks for themselves in standing committee
-
Jilani expresses Pakistan concern over Daesh influence in Afghanistan
-
فلیم ماسک آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور خدمات
-
گیلی کارڈ گیم آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ