اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) چي?? جي ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو“ تحت ”چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تي اڳڀرائي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ملڪ گير تصويري مقابلي جي لاءِ پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي سوين درخواستون ملي چڪيون آهن. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت پاران شروع ڪيل ”ملڪ گير بهترين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو منصوبا تصويري مقابلو) ۾ شامل ڪئي وي??دڙ تصويرن جي وصولي جي آخري تاريخ 7 آڪٽوبر 2023ع آهي. تصويري مقابلي جي ٽائيم لائين موجب ”انفراسٽرڪچر اينڊ ڊيولپمينٽ، پيپلز اينڊ اسٽوريز انوائرمنٽل امپيڪٽ“ جي ڪيٽيگريز م پاڪستان ۾ سي پيڪ ۽ بي آر آئي منصوبن بابت تصويرون 7 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون جڏهن ته 8 آڪٽوبر کان 9 آڪٽوبر تائين ناليوارن فوٽوگرافرن، فنڪارن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن تي ٻڌل پينل پاران حتمي فيصلي کانپوءِ مقابلي ۾ فتح ماڻيندڙن جو اعلان 10 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت ۽ پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي حصيداري سان انعام ورهائڻ واري تقريب ۽ نمائش 12 آڪٽوبر 2023ع تي ٿيندي جنهن ۾ ناليواريون شخصيتون، عملدار ۽ ميڊيا سان تعلق رک??دڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان مقابلي جي لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪالهه خميس ڏينهن فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي سربراهه مصطفيٰ سيد کانسواءِ اجلاس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي رئيسه عادل ۽ وز??رت ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن جي ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. عنبرين جان پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي وز??رت ۽ ان سان واڳيل ادارن بشمول پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، اي پي پي، پي آءِ ڊي، اي پي ونگ، آئي پي ونگ، ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا پبليڪشنز ۽ ٻين ادارن جي ملٽي ميڊيا پليٽ فارمز استعمال ڪندي تصويري مقابلي کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. مصطفيٰ سيد اجلاس کي ملڪ گيري تصويري مقابلي جي مقصدن، ان جي طريقيڪار ۽ ٽائيم لائين کان آگاهه ڪيو ۽ چي?? ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي تصويري مقابلي جي لاءِ سوين درخواستون مليون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ هڪ غ??رسرڪاري، غيرجانبدار ۽ غيرسياسي ٿنڪ ٽينڪ آهي جيڪا پاڪستان ۽ چي?? جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ ايوارڊز کٽيندڙن جي لاءِ چي?? جي دوري جو به اهتمام ڪندو. خميس ڏينهن ٿي??دڙ اجلاس 25 سيپٽمبر تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد جي صدارت ۾ ٿي??دڙ اجلاس جو فالو اپ هو جنهن دوران اطلاعات واري سيڪريٽري چي?? هو ته تصويري مقابلو سي پيڪ ۽ بي آر آئي منصوبن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ گهري ۽ ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan launches $3.5 billion fan replacement programme
-
COAS Bajwa appeals to US for immediate release of $1.2 loan trance
-
Levies man martyred, 2 others injured in Kalat checkpost attack
-
Court upholds arrest warrants for KP CM in audio leak case
-
Gas supply disrupted in Karachi due to fire, restoration expected by 4 PM
-
Pakistan likes Chinas policy of ethnic equality, religious freedom
-
CJP takes suo motu notice against ECP recruitment
-
Government announces Eidul Azha holidays
-
Parliamentarians push for greater perks for themselves in standing committee
-
Jilani expresses Pakistan concern over Daesh influence in Afghanistan
-
فلیم ماسک آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور خدمات
-
گیلی کارڈ گیم آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ