اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته لياقت علي خان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس شمار قائداعظم محمد علي جناح جي انتهائي بااعتماد ۽ مخلص ساٿين ?? ٿئي ٿو، شهيد ملت ۽ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي قوم ۽ ملڪ لاءِ پيش ڪيل قربانين ?? خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان تحريڪ پاڪستان جي سرگرم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو. اسپيڪر چيو ته لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هن پاڪستان جي وزيراعظم طور ملڪ جي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. شهيد ملت اصولن ۽ نظرين تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي آزادي، سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي هڪ ??ضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ ۾ اسان کي لياقت علي خان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آ??ي. اسپيڪر لياقت علي خان جي ورسي کي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سان ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته شهيد ملت کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس مشن کي اڳتي وڌائيندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن الله تعاليٰ کان لياقت علي خان جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan and Armenia formally establish diplomatic ties
-
Govt reduces buyback rate for net metering electricity to Rs10 per unit
-
Pakistan shining like a bright star on globe: Azma Bokhari
-
Job ruse turns deadly: four held for Islamabad murder
-
NAB chief honours officials for ‘professional integrity’
-
Education-centric key to progressive Pakistan: CM
-
فنڈنگ ایموجی تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
Savior سرکاری تفریحی لنک
-
Golden Ganesha Entertainment سرکاری لنک
-
Female traffic warden kidnapped in Lahore
-
Swindler gangs are still on the loose in Lahore
-
Former peace body member killed in Khyber agency